اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته 17 فيبروري ??ان سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري آهي ۽ حڪومت ان مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، تازي مهم ۾ 39 ملين ??ان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف آهي جنهن جي لاءِ 2 لک 65 هزار پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، خاص مددگار چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪز اسان جا اصلي هيرو آهن انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي موثر قدم کڻي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن