اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب ب??بت خاص مددگار شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌ??ڪ سرڪاري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي وظيفا وٺندا رهيا، بي آءِ ايس پي جي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪيس ا??ف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪاري آفيسرن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي فائدو کڻندا رهيا. اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزاد اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاران فراڊ ذريعي مالي فائدا حا??ل ڪرڻ ب??بت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌ??ڪ سرڪاري آفيسرن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.
هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو: شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ