اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي (ارنا) جي بيورو چيف سيد بهادر حسيني ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خبرن جي مٽاسٽا ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۾ فروغ سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳا??ن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ان ط??ح جي قدمن سان ٻنهي پاسن کان عوام ۾ سڌي سنئين رابطي کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ سفارتي ??اڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا جي بيورو چيف بهادر حسيني تهران ۾ ارنا جي هيڊ آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳا??ن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي مسعود ملڪ ايندڙ سال ارنا جي ص??ر آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪندي چيو ته ميڊيا ٻنهي ملڪن جي لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ايراني خابرو ايجنسي جي بيورو چيف جي اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ