گڏيل قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ امن کي درپيش خطرن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي گهٽجندڙ امڪانن باوجود عورتون سڄي دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجي ڪ????ار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سياسي ۽ امن بابت معاملن جي سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪ??رلو گذريل ڏينهن سلامتي ڪ??ئونسل جي اجلاس دوران ڪيو. امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا تي قيادت جي صنفي تبديلي جي طاقت ۾ سيڙپڪاري تي بحث دوران ڳالهائيندي هن سلامتي ڪ??ئونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته نوجوان نسل لاءِ رستا کوليا وڃن. هن چيو ته عورتن ۾ سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا، تڪرارن کي روڪڻ ۽ جٽا??ار ۽ جامع امن حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي ويو آهي. هن خبر??ار ڪندي هن عالمي طاقت جي ڍانچي کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ عورتن ۽ نياڻين جي عدم تحفظ وارن بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. روز ميري ڊي ڪ??رلو عورتن جي قائداڻي ڪ????ار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان 3 اهم شعبن مڪالمي ۾ سهولتڪاري، امن جي جامع عمل کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوان عورتن جي قيادت ۾ سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪ??ي. هن اهڙي جامع امن عمل کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن ۾ عورتن کي ترجيحي ڪ????ار ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته عورت، امن ۽ سلامتي تي ڪ??ئونسل جي سالياني بحث دوران سيڪريٽري جنرل امن عمل ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو هو.
عورتون دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ