دمشق -26 آگسٽ (اي پي پي) شام جي صدر بشار الاسد ??يو آهي، ته شام ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کان سواءِ بحال نٿا ٿي سگهن، جيڪي انهن جي ڌار ٿيڻ جو سبب بڻيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن نئين عوامي اسيمبلي کي خطاب ۾ چي?? ته موجوده عالمي بحران وچ ۾ اسان ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي کي نظر ۾ رکندي تجويز ڪيل سمورن قدمن تي جلدي ۽ هاڪاري انداز ۾ غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي اصل سببن کي نظر انداز ڪيو وڃي ته ڪو به مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن چي?? ته تڪرارن جي حل لاءِ ڌرين کي لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي. شام جي صدر چي?? ته شام ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجن حقن تان هٿ نه کڻندو. هن زور ڀريندي چي?? ته سندس ملڪ ۽ ترڪيه وچ ۾ موجوده مشاورت ۾ بنيادي اصولن جي کوٽ آهي جن سان ڌرين کي ڳالهين وا??ي عمل ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن زور ڀريندي چي?? ته ان مسئلي تي دمشق لاءِ شام جي سر زمين تان ترڪيه جي واپسي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام بنيادي اهميت رکندڙ آهي.
ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي: شام جو صدر
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری