آستانه – 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شه?? آستانه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪرار جي خاتمي ۽ دهشتگردي کي م??هن ڏ??ڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه اردو مطابق ترڪيه جي ايوان صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي روس جي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته سندس ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين لاءِ ??من ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنجي روس جي هم منصب کي شام تڪرار جي حل ۾ ترڪيه جي سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي م??ڪن جي صدرن ترڪيه ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ يوڪرين – روس جنگ جي م??جوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دهشت گردي کي م??هن ڏ??ڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون . ترڪيه جي صدر چيو ته سندس ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو . روس جي حڪومت گذريل ڏينهن ا??لان ڪيو ته روس جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شه?? آستانه پهتو . هن شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??لڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين ا??لاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.
ترڪيه جي صدر جي روس جي هم منصب سان ملاقات، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena