??ده- 01 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي امداد ۽ انساني خدمتن بابت شاهه سلمان مرڪز جي امدادي اي??نسي امدادي سامان جون وڌيڪ 16 ٽرڪون رفح ڪراسنگ ذريعي موڪلي ڇڏيون. سعودي پريس اي??نسي موجب شاهه سلمان مرڪز غزه لاءِ هلايل عوامي مهم تحت متاثرن کي کاڌي ??يت?? جي شين، دوائن، طبي لوازمات ۽ عارضي پناهگاهن لاءِ سامان موڪلي رهيو آهي. ياد رهي ته سعودي امدادي مهم دوران هن وقت تائين 172 ٽرڪ امدادي سامان کڻي رفح ڪراسنگ ذريعي غزه پهتا آهن. سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ عوامي عطين واري مهم ۾ هن وقت تائين 600 ملين ريال کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي چڪي آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ عوامي عطيا مهم جا??ي آهي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش