جنيوا -20 نومبر (اي پي پي) صحت جي ??المي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊنوم گيبروسيس آهي ته غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي ??ار سنڀال جي قابل ناهي رهي، ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته غزه ۾ شفا اسپتال هاڻي وڌيڪ خدمتون فراهم نٿي ڪري سگهي. جيڪا اسرائيل جي ناڪابندي ۽ حملي جي لپيٽ هيٺ آهي. هن آگاهي ڏني ??ه پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ ختم ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه طبي سامان به ختم ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ٻارن سميت مريضن جي ??الت تمام خراب آهي، طبي عملي اهڙن مريضن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ سهڪار جي ??رخواست ڪئ?? آهي. هن ٻڌايو ته اسان پنهنجي ??راڪتدارن سان فوري طور تي مريضن کي اتان منتقل ڪرڻ جو م??صو??و تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ان م??صو??ي کي مڪمل طور تي سهولت فراهم ڪئ?? وڃي. موجوده صورتحال برداشت جوڳي ناهي، هاڻي جنگبندي ڪئ?? وڃي. هڪ ٽيم ٻڌايو آهي ته اسپتال جي ??روازي تي هڪ اجتماعي قبر ڏٺي آهي ۽ اٽڪل اتي 80 کان وڌيڪ ماڻهو دفن آهن. صحت جي ??المي اداري ٻڌايو ته هن وقت اسپتال ۾ 291 مريض ۽ 25 طبي ڪارڪن موجود آهن جن مان 32 ٻارڙن جي ??الت ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي اداري چيو آهي، ته فوري جنگ بندي ڪئ?? وڃي ۽ وڏي پئماني ??ي انساني ??مداد جاري رکي وڃي.
غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات