گڏيل قومون – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته گذريل ڏينهن 29 آڪٽوبر تي 30 کان وڌيڪ ٽرڪون غزه ۾ دا??ل ٿيون جيڪي ان علائقي ۾ اجازت ملڻ بعد کان انساني امداد جي اها سڀ کان وڏي کيپ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انساني معاملن باب?? گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) پنهنجي بيان ۾ چ??و آهي، ته پاڻي، خوراڪ ۽ طبي سامان کڻي ويل 33 ٽرڪون مصر جي سرحد تان رفح بارڊر ڪراسنگ تان گذريون آهن. واضح رهي ته 21 آڪٽوبر تي امداد جي بحالي بعد ڪل 117 ٽرڪون رفح رس??ي غزه ۾ دا??ل ٿي چڪيون آهن. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل حماس جي حملي جي جواب ۾ غزه جو مڪمل گهيراءُ ڪيو هو جڏهن ته اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو هو ته اتي نه بجلي هوندي، نه خوراڪ ۽ نه ئي ٻارڻ. ان کان اڳ روزانو اٽڪل 500 ٽرڪون امداد ۽ ٻين سامان جون ڄاڻايل علائقي ۾ دا??ل ٿينديون هيون.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر