گڏيل قومون-15 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ??سر??ئيل ۽ غزه وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪندي اپيل ڪئي ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار سياسي حل هميشا لاءِ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ تشدد جي سلسلي ک?? ختم ڪرڻ جو سبب بڻجندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل ??سر??ئيل ۽ غزه تي ڇنڇر تي ٿيل جنگ بندي جي معاهدي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن معاهدي جي آجيان ۽ تشدد سبب متاثر ماڻهن جي خاندانن سان تعز??ت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگ بندي لاءِ مصر جي اهم ڪردار ۽ قطر، لبنان ۽ آمريڪا جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته جنگ بندي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن، بين الاقوامي قانون ۽ اڳوڻن معاهدن جي بحالي جي اهم??ت جي بنياد تي ٻه رياستي حل حاصل ڪر?? لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار سياسي حل امن ۽ هميشا لاءِ تشدد جي سلسلي جي خاتمي جو سبب بڻجندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسرائيل ۽ غزه کي جنگ بندي تي عمل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت