اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊ??ڪٽ?? بابر اعواڻ جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انفار??يش?? ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. نا??را چيئرمين، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي نا??را چيئرمين ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب نظ??م جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظ??م ۾ انتظامي ۽ اليڪشن ڪ??يش?? جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نا??را چيئرمين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن اليڪشن ڪ??يش?? کي به پنهنجي موجوده نظ??م جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نا??را کي ڏيڻ جو اشارو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نا??را ۽ انفار??يش?? ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ غور هيـٺ آڻيندي. ڊ??ڪٽ?? بابر اعواڻ نا??را چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪ??يش?? ۽ نا??را هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.
ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر