اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي، اسان ئي پاڪس??ان کي ان بحران مان ڪڍنداسين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي وارا ڪرپشن جو پئسو بچائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن جا مفاد پاڪس??ان جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ آهن، انهن موجب جمهوريت جو مطلب چوري بچائڻ آهي، انهن کي اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 23 سالا جدوجهد تي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو، سياست ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ?? خراب وقت ايندو رهندو آهي پر مسلسل جدوجهد سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان پهرين الله مون کي شهرت ۽ عز?? سان نوازيو هو، آئون سياست ۾ خدمتن لاءِ آيو آهيان ڇو ته الله تعاليٰ ??ون کي ايمان سان نوازيو آهي ۽ منهنجي زندگي جو مقصد ذاتي فائدي مان نڪري ماڻهن جي خدمت آهي ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته آئون الله کي جوابده آهيان، جڏهن الله عزت ڏيندو آهي ته وڏي ذميداري به ڏيندو آهي ۽ ان ذميداري جي باري ۾ آخرت ۾ حساب ڏيڻو پو??دو.
پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ