اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي دهشتگرداڻي حمل?? جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته شاگردن کي نش??نو بڻائيندڙ اسان جي نوجوان نسل کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا پر دهشتگرد ڄاڻي وٺن ته انهن کي ان جي ناپاڪ ارادن ۾ شڪست ڏينداسين. جمعي ڏينهن ه??ي جاري بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگرد?? جي خلاف متحد ۽ ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇل?? جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ۽ يرغمال ماڻهن کي بازياب ڪرايو. مملڪتي وزير قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي، شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتياب?? جي دعا ڪئي
مريم اورنگزيب پاران پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي دهشتگرداڻي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria