نڙهه – ڪهوٽا – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي، پڳڙيون اڇلائيندڙ، لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪندڙ ڪڏهن پاڪستاني عوام جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آه??، مخالفن کي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ۽ هو ان جي را??ه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نڙهه، ڪهوٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين راجا ظفرالحق، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ صوبائي وزير راجا اش??اق سرور پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻائڻ، 12 اسڪولن کي هايئر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ، ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج قائم ڪرڻ، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو اعلان ڪيو.
پاڪستان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر