اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين فارماسيوٽيڪل روانگي واپار جي موجوده ??اٿ?? تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت ۽ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن کي چيو آهي ته فارماسيوٽيڪل روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ فوري طور ت?? ٺوس تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن ان جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. صدر اها ڳالهه هتي ايوان صدر ۾ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي نمائندن پاران پريزنٽيشن جي صدارت ڪندي چئي. صدر صحت جي عالمي تنظيم جي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۽ عالمي منڊي ۾ فارماسيوٽيڪل روانگي واپار جي سهولت لاءِ ضروري سرٽيفڪيشن فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ فيڊرل ڊرگ سرويلينس ليباريٽري ک?? جلد فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات