گڏيل ??ومون -30 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته غزه ۾ جنگ بندي لاڳو ڪرڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ۽ اسرائيل خلاف هٿيارن جي پابندي جهڙا قدم کڻي. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن وچ اوڀر جي صورتحال تي 15 رڪني ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسرائيل کي درخواست ڪرڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيو آهي، اسان گڏيل ??ومن جي چارٽر جي باب 7 تحت غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي لاڳو ڪرڻ لاءِ سياسي اتفاق راءِ کي متحرڪ ڪرڻ چاهيون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسرائيل ??اران جاري جارحيت سان نه صرف خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي رهيو آهي، پر ان سان عالمي امن، سلامتي ۽ عالمي نظام کي هڪ منظم خطرو پڻ آهي. هن چيو ته دنيا هاڻوڪي تاريخ ۾ عالمي انساني قانون جي سڀ کان وڌيڪ ??نگين خلاف ورزين جو مشاهدو ڪري رهي آهي، جنهن کي انصاف جي عالمي عدالت مذمت جوڳي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته انساني بحران کي امداد جي ناڪابندي ۽ فاقه ڪشي واري حڪمت عملي کي هٿي وٺائي وڌايو ويو آهي. واضح طور تي غير انساني جارحيت اسرائيلي اڳواڻن جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا جي عڪاسي ڪري ٿي، پاڪستان جي نمائندي چيو ته پاڪستان لبنان، شام ۽ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو جنهن سان پوري وچ اوڀر خطي ۾ هڪ وسيع جنگ جو خطرو آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري کي هاڻي فيصلو ڪرڻ گهرجي. اسان کي گڏيل ??ومن جي چارٽر ۽ عالمي قانوني حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا ٻي صورت ۾ گڏيل ??ومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺهيل عالمي نظام جي خاتمي جو خطرو آهي. ان سلسلي ۾ هن اسرائيل ??اران غزه جي انساني ناڪابندي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن غزه پٽي ۾ ڦاٿل جنگ متاثرن لاءِ ضروري سامان، خوراڪ ۽ طبي امداد پهچائي سگهجي. هن چيو ته اسرائيل کي گڏيل ??ومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن پائيدار امن لاءِ هڪ سياسي عمل شروع ڪرڻ تي زور ڀريو. منير اڪرم چيو ته ٻه رياستي حل جي بحالي لاءِ فلسطين کي فوري طور تي مڪمل رياست طور تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي وڌيڪ ??توڇاڻ روڪڻ ۽ فلسطينين ۽ خطي جي سمورين رياستن لاءِ انسانيت، انصاف ۽ سلامتي تي مشتمل ديرپا حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد