واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊ??نل?? ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪر?? جيل موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ ڊ??نل?? ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽ?? جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صدر ج?? جيل ۾ جوابدارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽ?? جيل طرفان جاري تفيصل موجب کيس ??يد?? نمبر پي او 1135809 نمبر ڏنو ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊ??نل?? ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته هت?? جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انصاف جو مذاق آهي، مون ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائ?? جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي چيو ته اسان قطئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو حق آه?? جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو الزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊ??نل?? ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا