مدينو _22 جون(اي پي پي) مديني جي اسپتالن ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ دل جي بيمارين جي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي،سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب حج سيزن جي شروعات کان وٺي هن ??قت تائين 124 ڪارڊيڪ ڪيٿٽرائزيشن، جنرل سرجري ۽ اوپن هارٽ سرجريون ڪيون ويون آهن. مديني م??وره جي ڪنگ عبدالعزيز ڪڊني سينٽر ۾10 بيڊ مختص ڪيا ويا آهن ۽ روزاني جي بنياد تي 40 ڊائيلاسز ٿين ٿا. هڪ مهيني دوران مختلف ملڪن جي 64 حاجين کي ڪارڊيڪ ڪيٿٽرائزيشن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، 56 جنرل آپريشن ڪيا ويا ۽ 04 اوپن هارٽ سرجريون ڪيون ويون جڏهن ته 122 حج پانڌيئڙن کي ڊائيلاسز جي سهولت فراهم ڪئي وئي. واضع رهي ته ذي الحجه جي شروعات کان وٺي هن ??قت تائين مديني م??وره ۾ 07 لک 96 هزار حج پانڌيئڙا هوائي ۽ سامونڊي رستي سعودي عرب پهچي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ