واشنگٽن-24 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٻه طرفو معاملو آهن، اسان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام چاهيون ٿا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته اسان ڊگهي عرصي کان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام جو مطالبو ڪندا پيا اچون. اسان ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جي حوالي سان اڳڀرائيءَ جا خواهشمند آ??يون. پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي شراڪتدار آهن ۽ ٻنهي جي پنهنجي انفرادي حيثي?? آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهين جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان جاري بيان جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چيو ته اسان ڊگهي وقت کان ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جا خواهشمند آ??يون پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪ??هن به قسم جي ڳالهين جي رفتار، دائره ڪار ۽ نوعيت جو فيصلو ٻنهي ملڪن کي ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته آمريڪا ??اضيءَ ۾ ڪيترن ئي چئلينجز کي مُ??هن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ آئينده پڻ جيڪو ممڪن ٿي سگهيو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يقينن پاڪستان اسان جو شراڪتدار آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪ??هن به چونڊيل حڪومت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان جا ڪيترائي گڏيل مفاد آ??ن، اسان مختلف حڪومتن دوران ا??هن سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اڳ به ڪيترا??ي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته حڪومت کي ان جي پاليسين مطابق ڏسون ٿا ۽ ان سان گڏ اڳتي وڌندا آهيون. هن چيو ته اصل سوال اهو آهي ته ايندڙ پاڪستاني حڪومت ڪهڙي پاليسيءَ تحت اڳتي وڌندي. آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٻه طرفه معاملا آهن، ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina