اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قائداعظم جي زندگي اسان کي فڪر ۽ عمل جي هڪجهڙائي جو پيغام ڏي ٿي ۽ عزت نفس ۽ نظرياتي اصول تي ثابت قدمي تي رهڻ سان ان کي پنهنجي هم عصرن ۾ جدا بڻائي ڇڏيو آهي. قائداعظم جي انهن فڪرن جي اسان کي اڄ به ايت??ي ئي ضرورت آهي جيتري پاڪستان ٺهڻ وقت هئي، روشن مستقب?? پاڪستان جو دروازو کڙڪائي رهيو آهي، قوم جو هر شخص خاص طور تي ن??جوان هر قسم جي مصلحتن ۽ شڪ کان مٿانهون ٿي سرگرم عمل ٿي وڃن ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه سميت ٻين سمورن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي اهتمام هيٺ قائد جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئ??.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ