گڏيل ق??مو?? _13 جون (اي پي پي ) پاڪستان ويڙهه وارن علائقن ۾ گُم ماڻهن جي سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن کي ڀارت جي غ??ر قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ آگسٽ 2019ع ۾ ڀارتي ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اغوا ٿيل 13 هزار نوجوانن جي بازيابي لاءِ قدمن جي هدايت ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ارريا فارمولا اجلاس ۾ چيو آهي ته گُم ٿيل ماڻهن جي واقعن ۾ ملوث رياستن ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ??رو??ي آهي. ڪائونسل جو ارريا فارمولا اجلاس سوئٽزرلينڊ ۾ گهرايو ويو هو. ان فارميٽ جو نالو گڏيل قومن ۾ وينزويلا جي اڳوڻي سفير ڊياگواريوا جي نالي تي رکيو ويو آهي. اهو هڪ مشاورتي عمل آهي جيڪو سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي غ??ر رسمي ماحول ۾ ماڻهن کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. سوئٽزرلينڊ جي مشن چيو ته ??ن اهو اجلاس گم ٿيل ماڻهن بابت جاڳرتا لاءِ قائم رياستن جي گروپ دي گلوبل الائنس فار دي مسنگ سان گڏجي گهرايو آهي جيڪو 13 ميمبر ملڪن جو اتحاد آهي جيڪو گم ٿيل ماڻهن ۽ وڇڙيل خاندانن جي معاملي ۾ جاڳرتا ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪارروائي کي متحرڪ ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ??اڪستان جو خيال آهي ته ??يڙهه وارن علائقن ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي سڀني کان موثر جواب عالمي قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ احتساب جو عمل آهي. هن چيو ته ??اڪستان هر ڀيري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ سيڪريٽري جنرل کي قابض ڀارتي فوج جي هٿان اغوا ٿيل 13 هزار ڪشميري نوجوانن جي ٺوس حقيقت کان آگاهه ڪيو جن مان هڪ وڏو انگ گُم ٿي چڪو آهي. پاڪستاني نمائندي ڪشميري عورتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت جي غ??ر قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي واقعن سبب عورتون نيم بيواهن جي حيثيت سان زندگي گذاري رهيون آهن ۽ پنهنجي ورن، پٽن ۽ ??ائ??ن جي زندگي جي باري ۾ غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. هن چيو ته انهن عورتن کي اهو ڄاڻڻ جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي ته ڇا انهن جا پيارا زنده آهن يا مري چڪا آهن ۽ انهن جي مناسب طريقي سان تدفين کان محروم رکيو ويندو آهي. پاڪستاني نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته ??الاريل ڄمون ڪشمير ۾ هزارين ماڻهن جي گُم ٿيڻ جي شڪايتن تي اسان کي ڪنهن اداري يا شخصيت طرفان ڪوبه جواب ناهي مليو. هن چيو ته جيستائين گڏيل ق??مو??، انساني حقن جي ڪائونسل ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا هٿياربند تڪرارن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ۽ قابل نٿا ٿين تيستائين ان مسئلي کي حل نٿو ڪري سگهجي.
پاڪستان پاران گڏيل قومن کان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ گُم ٿيل 13 هزار نوجوانن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار