اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي امير قطر جي طرفان وزارت ع??مي?? جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??يغام پهچايو، هن امير قطر جي طرفان پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ۽ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي نئين قيادت سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان شيخ تميم بن حماد الثاني جي طرفان گرمجوشي جي مظاهري کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات