اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته نيب جا آفيسر انتهائي ايماندار ۽ غير جانبدار هجڻ گهرجن، ڇو ته بدعنواني کان پاڪ انتظاميه ۽ درست فصلا ئي نيب جي سڃاڻپ ٿي سگهن ٿا، هن اها ڳا??هه نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاو??د اقبال سان ڳا??هائيندي ڪئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب نيب چيئرمين ان موقعي تي صدر کي پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي رپورٽ به پيش ڪئي جنهن کي ساراهيندي صد?? چيو ته بدعنواني جي خاتمي جو بنياد هر ??ڪ سان هڪجهڙو سلوڪ ۽ امتياز کان پاڪ ڪارروائي آهي ته جيئن قومي ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي. هن چيو ته بدعنواني جو خاتمو انهي صورت ۾ ممڪن آهي جيڪڏهن انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو