رام الله -29 نومبر (اي پي پي )فلسطين جي صد?? محود عباس گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي ته اها سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2735 تي عمل درآمد لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪري ان ۾ غزه پٽي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صد?? محمود عباس گڏيل قومن جي خصوصي رابطه آفيسر وچ اوڀر امن عمل ٽور وينس لينڊ جو رام الله ۾ سندس افيس ۾ الوداعي دورو ڪ??و . ملاقات دوران محمود عباس وينس لينڊ کي فلسطيني علائقن ۾ جاري تازي اڳڀرائي ۽ غزه پٽي، اولهه ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس ۾ ا??رائيلي حملن کي روڪڻ لاءِ فلسطيني انتظاميه جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. محمود عباس ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن کي ان جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2735 تي عمل درآمد جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ غزه پٽي ۾ جنگ بندي، غزه پٽي ۾ امداد جي داخلا ۾ تيزي آڻڻ، اتان اسرائيل جي مڪمل نيڪالي ۽ رياست فلسطين کي غزه سان گڏو گڏ اولهه ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس ۾ مڪمل ذميواري قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ذميواري پوري ڪري: فلسطين جو صدر محمود عباس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی