گڏيل قومون_20 جون(اي پي پي)گڏيل قومن غزه ۾ ڇهن اسرائيلي هوائي ??ملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2018 فلسطينين جي شهادت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اسرا??يل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو ۽ اهو عمل جنگي قانون جي خلاف ورزي جي نشاندهي ڪري ٿو،گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي آفيس او ايڇ سي ايڇ آر پنهجي تازي رپورٽ ۾ غزه ۾ 6 اسرائيلي حملن جا تفصيل فراهم ڪيا آهن جن ۾ هڪ ئي ??ريقو اختيار ڪرڻ جي نشاندهي ڪندي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، انهن حملن ۾ رهائشي گهرن، ا??ڪو??ن، پناهگير ڪيمپن ۽ هڪ مارڪيٽ تي حملن ۾ 2 هزار پونڊ جا بم استعمال ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، انساني حقن جي آفيس انهن حملن ۾ 218 فلسطينين جي شهادت جي تصديق ڪئي ??هي جيڪي 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزه ۾ شروع ٿيل جنگ جي شر??عا?? ۾ ٿيا آهن، گڏيل قومن موجب شهادتن جو تعداد ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.انساني حقن جي آفيس جي سربراه وولڪر ترڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرا??يل پاران بمن ڪيرائڻ جي مهم ۾ جنگ ۾ انهن طريقن جي لڳاتار خلاف ورزي ڪئي وئي ??هي جيڪي شهري نقصان کان بچڻ لاءِ ان کي هر حد تائين گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيا ويندا آهن، غزه جي ??حت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار 372 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável