گڏيل قومون – 02 مئي(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ه?? ڪميٽي افغانستان ۾ طالبان ان??ظاميه جي و??تي پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. عالمي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽي و??تي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست کي قبول ڪري ورتي آهي. سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني ڪميٽي کي لکيل خط مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن درخواست ڪئي هئي ته امير خان متقي کي 6 کان 9 مئي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ استثنا ڏني وڃي جڏهن ته ان درخواست ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ملاقات ۾ ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ندي.
گڏيل قومن پاران افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد سفر جي اجازت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت